احمد علي چانڊيو

احمد علي چانڊيو

احمد علي چانڊيو

احمد علي چانڊيو: سنڌ جو مشھور سگهڙ احمد علي ولد دودو چانڊيو، پھرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ علي مراد چانڊئي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پڙهڻ جو جوڳو ماحول نه ملڻ سبب صرف سنڌي لکي پڙهي ڄاڻي ٿو. ننڍپڻ کان ئي شاهه جي بيتن سان ڏاڍي دلچسپي هوندي هئس. گهر جي ماحول کيس سگهڙائپ جي ميدان ۾آندو. ويھن سالن جي ڄمار کان فن جي شروعات ڪئي. فن جي سکيا استاد غلام اڪبر گاڏهي ۽ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ کان ورتي. آجيان جا بيت، سينگار، ڏور، ڳجهارت ۽ پھاڪن تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهي. سندس پسند جي صنف سينگار آهي. سنڌ جي سمورن شھرن ۾ پنھنجو فن پيش ڪري چڪو آهي. سندس ڪلام رسالي ’ڪلچرل هيرٽيج‘ ۾ ڇپيل آهي. 1997ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي پروڊيوسر سميع بلوچ جي پروگرام ’ڪچھري‘ ۾ متعارف ٿيو، جنھن جو ميزبان سيد صالح محمد شاهه هو. 2001ع ۾ احمد عليءَ ريڊيو پاڪستان تي پھريون پروگرام ڪيو. سگهڙائپ جي فن ۾ الاهي بخش ناريجو، جمشيد علي زهراڻي، علي نواز لنجواڻي، انور علي ڪاڪيپوٽو، علي حُر چانڊيو ۽ ٻيا سندس شاگرد آهن. کيس فن جي مڃتا طور ايراني سفار تخاني پاران اوارڊ، استاد محمد ملوڪ عباسي اوارڊ (2005ع)، شھيد دودو سومرو اوارڊ (2013ع) ۽ عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاران اوارڊ ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.01.01  عيسوي

سنڌ جو مشھور سگهڙ احمد علي ولد دودو چانڊيو، پھرين جنوري 1968ع تي ڳوٺ علي مراد چانڊئي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير بخش1
گل بيگ خان رند
غلام قادر ڀٽو
شيخ محمد بخش
ديدار علي سيال
برڪت علي خان جلالاڻي
امداد علي بلوچ
ڏيرو محمد موسيٰ
حاجي مينهون خان لغاري 1
صديق بجلي سولنگي
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون